ڪوئٽه: (آچر 17 آڪٽوبر 2021ع) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اسيمبلي اجلاس 20 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي. بل...
ڪوئٽه: (آچر 17 آڪٽوبر 2021ع) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي لاءِ اسيمبلي اجلاس 20 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي. بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اربع جي ڏينهن شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ ڄام ڪمال جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪئي ويندي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال کي حڪومت ۽ اتحادين سميت 24 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته حڪومت کان ناراض ڌڙو 15 ميمبرن تي ٻڌل آهي. هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته 23 رڪني اپوزيشن ڪنهن کي ووٽ ڏيندي؟
تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي لاءِ اپوزيشن جا ووٽ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. ٻئي طرف بلوچستان عوامي پارٽي جي سينئر اڳواڻن جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ تحريڪ عدم اعتماد جي ڪاميابي کان پوءِ اتحادين جي مشوري سان نئين ايوان اڳواڻ جي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ان موقعي تي پارٽي جي سينئر اڳواڻ ظهور احمد بليدي چيو ته 20 آڪٽوبر تي اسان جي اڪثريت ثابت ٿي ويندي.
COMMENTS