ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ پير قادر بخش شاهه جي رهواسي غلام نبي شاهه کي ڳوٺ نيڪالي ڏيڻ ۽ جان کان مارڻ جون م...
ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ پير قادر بخش شاهه جي رهواسي غلام نبي شاهه کي ڳوٺ نيڪالي ڏيڻ ۽ جان کان مارڻ جون ملندڙ ڌمڪين خلاف ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي دانهيندي چيو آهي ته منهنجي علائقي جا بااثر ماڻهون جيڪي منهنجي ڀيڻ جي زرعي زمين جيڪا آئون آباد ڪري پنهنجي ڀيڻ جي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آهيان پر ڪجهه بااثر ماڻهون جيڪي اسان جا عزيز آهن ۽ منهنجي ڀاءُ سان ملي ڀڳت ڪري مونکي قتل ڪرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.
هنن چيو آئون غريب مسڪين آهيان، منهنجو ڀاءُ سجاد ۽ پير علي رضا شاهه مونکي مختلف ذريعن سان تنگ ڪري ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي رھيا آھن ۽ ھنن مون مٿان قاتلا نه حملا ڪرايا آهن، جن خلاف مون ڪيترا ئي ڀيرا ايس ايس پي سميت اعليٰ اختيارن کي درخواستون پڻ ڪيون آهن پر مون مسڪين جي ڪوبه بڌڻ لاءِ تيار نه آهي، مون سان انصاف ڪري ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
COMMENTS