لاهور: (آچر 17 آڪٽوبر 2021ع) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ان حوالي سان صحت کاتي ٻڌايو آهي ته وفاقي گادي...
لاهور: (آچر 17 آڪٽوبر 2021ع) پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ان حوالي سان صحت کاتي ٻڌايو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وڌيڪ 152 شهري ڊينگي سبب بيمار ٿي پيا آهن.
صحت کاتي جي اختيارين ٻڌايو آهي ته اسلام آباد جو علائقو ترلائي ڊينگي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر آهي. جڏهن ته اسلام آباد جي ڏوراهين علائقن ۾ هينئر تائين 2000 جي ويجهو ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿي چڪا آهن. سموري پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 508 مريض سامهون آيا آهن جن مان 373 جو تعلق لاهور سان آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 142 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ مريضن جو گڏيل انگ 3 هزار 938 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ وڌيڪ 53 مريضن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي جن مان 32 مريضن جو تعلق ڪراچي سان آهي.
COMMENTS